جميل اختر

جميل اختر: جميل اختر ولد محمد نواب حسن 10 آگسٽ 1958ع تي گرهول شريف ضلعي سيتا مڙهي (بهار) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪمهروليءَ مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن جي تعليم متهلا يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ايم. اي، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جون سندون ’جواهر لال‘ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي N.C.E.R.T جو پروجيڪٽ انچارج ٿيو. 1995ع ۾ جامعه مليه اسلاميه، دهليءَ ۾ ريسرچ اسڪالر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر جميل اختر ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: قرة العين حيدر سان ٿيل گفتگو تي لکيل ڪتاب ’انداز بيان اردو‘ ، ’اقبال اور اشتراڪيت‘، ’فرهنگ اصطلاحات ابلاغ‘ وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ٽي. وي، ڊرامن، فلم ۽ اخبارن بابت سندس ڪيتريون ئي تحريرون شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر جميل نيشنل اوپن اسڪول جي تعاون سان ٻه ڪتاباردو مختصر نويسي‘ ۽ ’اردو ٽائيپ رائيٽنگ‘ مرتب ڪيا آهن، جيڪي اردو ادب ۾ مفيد سمجهيا وڃن ٿا .


لفظ جميل اخترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.08.10  عيسوي

جميل اختر ولد محمد نواب حسن 10 آگسٽ 1958ع تي گرهول شريف ضلعي سيتا مڙهي ( بهار ) ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور بلوچ2
ستيه پال
سيد صالح محمد شاهه 2
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
پريٽي زنٽا
عبدالرب نشتر سردار
نوشين شيخ
عبدالسلام ٿهيم
اشتياق انصاري
ڄام صادق علي (سياستدان )
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون